ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا ) تعلقي شجاع آباد جي اڪثر يونين ڪائونسلن ۾ ايل بي او ڊي پاران سم جي خاتمي لاءِ لڳايل ٽيوب ويل خراب، سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ سبب سم ۽ ڪلر وڌڻ لڳو، ذرخيز زمينون بنجر ٿي ويون، ٽيوب ويل تي لڳل ٽرانسفارمر ۽ ٻي قيمتي مشينري چوري ٿي وئي، ٽيوب ويلن تي مقرر عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳو. تعلقي شجاع آباد جي يونين ڪائونسل مکڻ سمون، دولت لغاري، تاجو خاصخيلي، کنهبڙي، بادل شاھ سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ ايل بي او ڊي طرفان لڳايل ٽيوب ويل ناڪارا بڻجي ويا، ٽيوب ويلن تي لڳايل ٽرانسفارمر ۽ ٻي مشينري چوري ٿي وئي، ٽيوب ويل تي مقرر عملو گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي. جڏهن ته سم نالن جي هر سال کاٽي نه ٿيڻ سبب سيلاب ۽ ڪلر وڌي ويو آهي جنهن ڪري زمينون تباھ ٿيڻ لڳيون آهن. علائقي جي ننڍن توڙي وڏن آبادگارن سميت شهرين وزير اعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، وزير ايريگيشن توڙي ضلعي انتظاميا کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪندي چيو آهي ته سم نالن جي کاٽي ڪرائي وڃي ته جيئن ايندڙ برساتن جي نقصان کان بچي سگهجي.