ڪراچي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران ملتان گيريزن جو الوداعي دورو ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملتان گيريزن جي دوري دوران آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته اسٽرائيڪ فارميشنز جي دستن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مادر وطن جي خدمت لاءِ فارميشنز جي غيرمعمولي پيشيوراڻي قابليت کي ساراهيو، آرمي چيف هن وقت مختلف ڪورسز جا الوداعي دورا ڪري رهيو آهي، آرمي چيف خميس ڏينهن منگلا ۽ سيالڪوٽ گيريزنز جو به الوداعي دورو ڪيو هو.