سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو) آءِ بي اي يونيورسٽي سکر انتظاميا پاران ٻن مبينا شاگردياڻين جو يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سميت اھم عملدارن مٿان سنگين قسم جا الزام لڳائڻ وارو وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار زاهد حسين کنڊ جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ڪالهه رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڊيو ۾ موجود ڇوڪري هڪ ٽريني بختاور سومرو آهي، وڊيو ۾ ڄاڻايل جيڪا ڇوڪري اسڪرپٽ پڙھي رھي ھئي اُھا يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ناھي، اُھا ھڪ نجي اسڪول ۾ پڙھندڙ 10 جماعت جي شاگردياڻي بختاور بڙدي آھي، بختاور سومرو يونيورسٽي جي 18 ھين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر حسين احمد صديقي جي چوڻ تي اها وڊيو ٺاهي. رپورٽ موجب 16 کان 24 اپريل تائين ڪئمرائن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو، 23 ۽ 24 اپريل تي ڪئمرائن ۾ 2 شڪي ڇوڪريون ھاسٽل مان نڪري مسجد واري علائقي ۾ داخل ٿيون، ٻنھي ڇوڪرين جا پاڻ ۾ فيملي واسطا آھن، سي ڊي آر رپورٽن موجب بختار سومرو ۽ ٻئي شاگردياڻي بختاور بڙدي پلاننگ سان اھڙو قدم کنيو، سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ سي ڊي آر رپورٽ موجب بختاور سومرو مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ موبائل فون تي حسين صديقي سان ڳالھايو، جنھن جو بختياور جاچ دوران اعتراف ڪيو ته ھن جو برين واش ڪيو ويو ھو ۽ آءِ بي اي خلاف حسين صديقي وڊيو رڪارڊ ڪرائي ۽ سمورو اسڪرپٽ حسين صديقي فون ذريعي ٻڌايو، بختاور سومرو جي موبائل مان رڪارڊ ڪيل وڊيو ۽ اسڪرپٽ پڻ مليو آھي، جنھن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ وڊيو حسين صديقي ڏانھن سندس ٻارڙن ذريعي اماڻي، ڪاميٽيءَ موجب ڪاميٽي الزام ھيٺ آيل حسين صديقي کي گھرايو، جنھن ڪاميٽي آڏو اعتراف ڪيو ته ھن بختاور سومرو کي وڊيو ٺاھڻ لاءِ چيو ھو، ھن ڄاڻايل وڊيو پنھنجي ويجھي عزيز قدرت الله راجپوت کي ڏني جنھن سوشل ميڊيا تي پھريون وائرل ڪئي. جاچ ڪاميٽي رپورٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آءِ بي اي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاھ حوالي ڪري ڇڏي آھي، جاچ رپورٽ تي ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر زاھد حسين کنڊ، ميمبر عبدالرحمان سومراڻي، ڊاڪٽر عاصم سميجو، ڊاڪٽر زرقا بانو، مس عنيزا علوي، خليل احمد چنا، ڊاڪٽر غلام مجتبي شيخ، گل حسن شاھ جون صحيون پڻ شامل آھن.