نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي جو چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوھيو دل جو دورو پوڻ سبب سيوهڻ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي ساڃاهه وند جي وڇوڙي تي سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي، سندس مڙهه ھزارين آلين اکين سان اباڻي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ مٽي ماءُ حوالي، ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ظفر علي شاهه، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، جيئي سنڌ محاذ جي وقتي چيئرمين ھاشم کوسو، عبدالخالق جوڻيجو، تاج جويو سميت ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد ظفر علي شاھ چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جي قدرآور شخصيت ھو، جنھن سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد رکي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عزيز الله ٻوھيو آخري وقت تائين سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو، رات ھجي توڙي ڏينھن سنڌ جي جھر جھنگ پھچي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي. ھن عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رھي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجھد ڪئي، عبدالخالق جوڻيجي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو بھادر پٽ ھو، جنھن سڄي حياتي پنھنجي اصول ۽ فڪر تحت گذاري، ھو وڏو عالم ۽ قرآن جو ڄاڻو ھو، ھاشم کوسي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سادو سياستدان ھو، ھن ڪڏھن پروٽوڪول جي ڳالھه نه ڪئي ۽ سادگي سان سياست ڪندو رھيو، سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري مظھر خاصخيلي چيو ته عزيز الله ٻوھيو کي سدائين جدوجھد جي ميدان ۾ ڏٺو، ھو عملي ماڻھو ھو جنھن قرآن جي روشني ۾ قومن جي حقن، پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي ڳالهه ڪئي. وڪيل شبير شر چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو ڪيس قرآن مجيد جي علم جي روشني ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو ھو، سنڌ جي بھادر پٽ جي وڇوڙي سان وڏو نقصان ٿيو آھي. هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان قريشي مولانا ٻوهيو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي آهي