ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي پاران سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بُخاري جي ورسي جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ “جشن استاد بخاري” جي شاندار تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس، ڪل سنڌ مشاعرو ۽ راڳ رنگ جي محفل ٿي گذري، گڏوگڏبڪتاب جي مهورت پڻ لرائي وئي، جشن پاري پرگرام ۾ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳل هئا، جشن واري تقريب ۾ سڄي سنڌ مان شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي. “جشن استاد بخاري”جي پهرين نشست ادبي ڪانفرنس جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو ڪئي، جنهن ۾ گلبدن جاويد مرزا، دانشور جامي چانڊيو، يوسف سنڌي، الطاف ملڪاڻي، تابش بخاري، آغا ظفر، اعظم ڀٽي، نعيم ملڪ مهمانن ۾ شامل هئا، ڪانفرنس جي ڪاروائي نامور ڪمپيئر ۽ اديب نصير مرزا هلائي، راڳي انو سولنگي شاھ جي وائي پڙهي آيل مهمان کي ڀليڪار ڪئي، تقريب جي ميزبان سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي سيڪريٽري صائب ميمڻ چيو ته جشن استاد بخاري ڪرڻ جو مقصد “استاد” جي فڪر ذريعي نئين نسل جي آبياري ڪرڻ آهي،پريل دايي چيو ته استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾ سنڌ کي ڳايو ۽ ڌرتي جو شاعر ٿي بيٺو هن جي گيت ۾ سجاڳي جو سڏ آهي، جامي چانڊيو چيو ته استاد ۽ اياز سنڌي شاعري جا ٻه الڳ الڳ دور آهن، استاد سنڌي شاعري ۾ نوان رنگ ڀريا، استاد انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، گلبدن جاويد مرزا چيو ته استاد ڌرتي پرست، سچو ۽ کرو شاعر هو. ادبي ڪانفرنس ۾ استاد بخاري جي فن ۽ شخصيت تي تابش بخاري ۽ سجاد يوسف سومري جي ترتيب ڏنل ڪتاب”ڌرتي جو شاعر استاد بخاري” جي مهورت به ڪئي وئي،