رائونتي(ن پ ا) تعلقي اسپتال صادق آباد ۾ مريض جي فوت ٿيڻ بعد وارثن پاران عملي کي ڪٽڪو ڏنو ويو آهي
فوتي جي وارثن اسپتال اندر ڊيوٽي ڪندڙ عملي جي ڪمري ۾ داخل ٿي عملي کي تشدد جو نشانو بڻايو، ڊاڪٽر ۽ عملي مٿان تشدد ڪرڻ جا CCTV فوٽيج به سامهون اچي ويا
فوٽيجز ۾ وارثن کي پوليس جي موجودگي ۾ اسپتال عملي مٿان تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو
اسپتال ذريعن موجب فوت ٿي ويل مريض حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي
پوليس چيو آهي ته اهڙي واقعي جي درخواست ملي آهي، جاچ ڪريون پيا
ھي به پڙھندا