عمرڪوٽ واسي پرائمري استاد جي پيٽنگز پنجاب جي تعليم واري وزير کي موهي وڌو

0
64
عمرڪوٽ واسي پرائمري استاد جي پيٽنگز پنجاب جي تعليم واري وزير کي موهي وڌو
عمرڪوٽ واسي پرائمري استاد جي پيٽنگز پنجاب جي تعليم واري وزير کي موهي وڌو

عمرڪوٽ واسي پرائمري استاد ۽ آرٽسٽ ڪشور ڪمار جي پيٽنگز پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات کي موهي وڌو

 استاد ڪشور ڪمار جون اسڪول ۾ ٻارڙن کي سيکارڻ لاءِ ڪلاس روم جي بورڊ تي ٺاهيل پينٽنگز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات کي پسند اچي ويون

ڪشمور ڪمار جڳ مشهور ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر، شهيد بينظير ڀٽو، مريم نواز ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن جون تصويرون پينٽ ڪري چڪو آهي، استاد ڪشور ڪمار جي تخليقي ڪم کي پنجاب حڪومت پاران مڃتا ڏني وئي،

پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات جي خاص دعوت تي استاد ڪشور ڪمار ملاقات لاءِ لاهور پهچي ويو، رانا سڪندر حيات استاد ڪشور ڪمار کي ملاقات جي دعوت سان گڏ جهاز جي اچ وڃ جي ٽڪيٽ به اماڻي هئي