شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائر جا لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو

0
135
شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائر جا لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو
شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائر جا لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو

شهدادپور (رپورٽ: حميد کوسو ) شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائر جا لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو، شھدادپور ۾ گذريل ڏينهن سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل ٻن ڀائر جا لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو ويو

وارثن غلام شبير زرداري ۽ مراد علي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي آفيس آڏو ٻئي به لاش رکي ڌرڻو هنيو

مقتولن جي ڀاءُ محرم زرداري چيو ته آصف ٽالپر، علي نواز، گل محمد عرف ڪماني، سُڪالو ٽالپر ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو آهي

هن الزام هنيو ته پڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار ستار  نظاماڻي مخبري ڪئي، خون لوڙھڻ لاءِِ  پوليس ڳري رشوت ورتي آهي

مظاهرين  پاران قاتلن جي گرفتاري تائين لاش نه کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، اهلڪارن ٿاڻي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

شھدادپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا قتل