ڪينيڊا ۾ سانا جو ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن، سنڌ کي وسيلن تي حقن ڏيڻ سوڌو ٻين مطالبن تي ٻڌل ٺهراءُ منظور

0
25
ڪينيڊا ۾ سانا جو ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن، سنڌ کي وسيلن تي حقن ڏيڻ سوڌو ٻين مطالبن تي ٻڌل ٺهراءُ منظور
ڪينيڊا ۾ سانا جو ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن، سنڌ کي وسيلن تي حقن ڏيڻ سوڌو ٻين مطالبن تي ٻڌل ٺهراءُ منظور

ڪيلگري (پ ر) اتر امريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم سانا جو 40 ساليانو ڪنوينشن ڪينيڊا جي شھر ڪيلگري ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ امريڪا، ڪينيڊا، سنڌ ۽ ھند جي سنڌين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

سانا ڪنوينشن جي پڄاڻي تي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طرفان منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ پاڪستان جي موجوده مالي وسيلن جي نظام جي نئين سر جورجڪ جو مطالبو ڪندي جنرل سيلز ٽيڪس مڪمل طور صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته نيشنل فنانس ڪميشن کي ختم ڪري وفاق کي رڳو پنھجا ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

سانا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ موجوده مالي وسيلن جي ورڇ جو سرشتو استحصالي آھي. اُن کانسواءِ سنڌ جي اصلوڪن رھواسين کي گھر، زمين تي مالڪاڻا حق ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مٿان زور ڀريو ويو ته انھن مقصدن لاء ساليانو 10 ارب روپيا رکيا وڃن

ٺهراءُ ۾ سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته جيئن 50 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگھجي. جڏهن ته سنڌ جي تعليم کاتي مٿان پڻ زور ڀريو ويو ته سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، انگلش ۽ ميٿا ميٽڪس جي تعليمي نظام کي تعلقي سطح تي عام ڪيو وڃي

سانا پاران ميرپور ماٿيلو ۾ قتل ڪيل شهيد صحافي نصراللھ گڏاڻي جي خاندان سان ساٿ جو اظھار ڪندي سندس قاتلن خلاف قدم کڻڻ جي گھر ڪئي وئي آھي

سانا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو ته پاڪستان ۾ آمريتي حڪومتن ھتان جي اصلوڪن ماڻھن ۽ قومن کان سندن اصل  سڃاڻپ کسي ھٿ ٺوڪي سڃاڻپ مڙھئڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ اقبال ترين، انعام شيخ، ذولفقار خواجھ، سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، اعجاز ترڪ، پروفيسر سڀاش بجلاڻي، وليد شيخ، مشتاق راڄپر ۽ ٻيا موجود هئا

سانا طرفان سنڌين ۽ تنظيم جي خدمت جي مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ اقبال ترين، سينيٽر جاويد لغاري، سانا جي پھرين صدر خالد ھاشماڻي ۽ مرحوم سائين علي نواخ ميمڻ کي ڏنا ويا. جڏھن ته مڃتا ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر رئوف شيخ، نيلوفر خميساڻي، ڊاڪٽر گل محمد ڀٽي، قربان پنھور، اويس لغاري، ستار ھاليپوٽو، ڊاڪٽر ڪرتارلال پيماڻي، ڊاڪٽر اڀيمان ۽ احمر نديم ميمڻ شامل آهن

ٽن ڏينھن جي ڪنوينشن دوران محفل موسيقي ۾ سنڌ کان آيل فنڪارا انينا فدا، انڊيا کان آيل سنڌي ڳائڻي جتن اداسي ۽ سلمان مخدوم فن جو مظاھرو ڪيو. سانا جي ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سنڌي فيشن شو پڻ ڪيو ويو، جنھن ۾ فيشن ڊزائنر پوجا موٽواڻي جا تيار ڪيل ويس وڳا ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين پائي نمائش ڪئي

ڪنوينشن ۾ پھريون ڀيرو فلم سنڌستان جي پڻ نمائش ڪئي وئي ۽ فلم جي پروڊيوسر سپنا ڀاوناڻي پنھجي ٺاهيل فلم تي ڳالھائيندي چيو ته امريڪي شھر لاس اينجلس ۾ ھن پنھجي فلم جي اسڪرينگ ڪرائڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ھو جو اتي مسلمان سنڌين کي اچڻ نه پئي ڏنو ويو. ھن چيو ته سنڌين کي مذھبي بنيادن تي ورھائڻ واري روش قبول نه ٿي ڪري سگھجي

فلم پروڊيوسر سپنا ڀاوناڻي وڌيڪ چيو ته فلم، آرٽ ۽ فن جي ذريعي اسان سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڊي سگھون ٿا، جيڪي نوجوان پنھجي ٻولي ۽ ثقافت ڪان پري ٿي رھيا آھن تن کي فن جي ذريعي پاڻ سان جو ڙي سگھون ٿا