پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گاڏين جون نمبر پليٽس ڪروڙين رپين ۾ نيلام

0
64
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون گاڏين جون نمبر پليٽس ڪروڙين رپين ۾ نيلام
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون گاڏين جون نمبر پليٽس ڪروڙين رپين ۾ نيلام

سنڌ جي ايڪسائيز کاتي 40 نمبر پليٽس جي نيلاميءَ مان 67 ڪروڙ 54 لک رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا

 پريمئم نمبر هڪ 10 ڪروڙ رپين، نمبر 5 پنج ڪروڙ 30 لک، نمبر 7 چار ڪروڙ 60 لک، نمبر 8 چار ڪروڙ 10 لک ۽ نمبر 9 چار ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نيلاميءَ مان حاصل ٿيل رقم ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ وقف ڪئي ويندي، فنڊز مان ٻوڏ متاثرن لاءِ مجموعي طور 2 هزار 251 گهر تعمير ڪيا ويندا

شرجيل ميمڻ موجب تمام جلد پريمئم نمبر پليٽس جي نيلاميءَ جو ٻيو مرحلو به شروع ڪيو ويندو، ايندڙ نيلامي مان نئين تعمير واري جاري ڪوششن ۾ وڌيڪ مدد لاءِ واڌو وسيلا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي