خالد لنڊ کي پارٽي عهدي تان هٽايو وڃي: شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ جو مطالبو

0
101
شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ
شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ

شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي اپيل تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿيل سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ

 جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ام رباب چانڊيو، شهيد صحافين اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ جا وارث به احتجاج ۾ شريڪ

 سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي به شرڪت، مظاهرين پاران شهيد صحافي نصرالله جي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ بلاول ڀٽو زرداري کان پٽ جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد احمد لنڊ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو