اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
30
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ باني، ڪي پي جي وڏي وزير ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سنگجاني ۽ آءِ نائين ٿاڻن تي داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي هلائي

 خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل پاران وڪيلن حاضريءَ کان ڇوٽ جون درخواستون داخل ڪرايون، عدالت درخواستون رد ڪندي ٻنهي جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 عدالت رمارڪس ۾ ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، تماشو لڳل آهي، هڪڙو جوابدار اچي ٿو ته 2 جوابدار نه ٿا اچن، وڪيلن ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي

 جج طاهر عباس سپرا رمارڪس ۾ چيو ته جيڪي جوابدار 8 تاريخ تي نه ايندا انهن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو، ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي