سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
26
سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٻڌڻيءَ دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو ته موسمياتي تبديلي لاءِ مڪمل پاليسي بڻائي وئي آهي، جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي لاءِ بجيٽ به رکي وئي آهي، مون وٽ مڪمل پلان سان اچو

 چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته موسمياتي تبديلي کان بچاءُ لاءِ 20 لک گهر ٺاهينداسين، جن مان ڏيڍ لک گهر ٺهي چڪا آهن، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ به موسمياتي تبديلي لاءِ بجيٽ نه رکي وئي آهي

 عدالت ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون موسمياتي تبديلي لاءِ کنيل قدمن بات تفصيل فراهم ڪن، سنڌ ۽ ڪي پي ۾ پاليسي ته آهي پر ٻئي حڪومتون عملي قدم به کڻن، سمورا صوبا موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻي رپورٽ 15 جولاءِ تائين جمع ڪرائين