نگران وزير ڊاڪٽر سعد نياز پاران نگران وڏي وزير سان جهيڙي جي تصديق

0
119

سنڌ جي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد نياز ڪابينا اجلاس دوران نگران وڏي وزير سان جهيڙي جي تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن ته نگران وزير پاران وڏي وزير سان هٿين پئجي وڃڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي نگران وزير سعد نياز چيو ته اجلاس دوران نگران وڏي وزير چيو ته ڏاڍو بهترين دور رهيو، جنهن تي مون چيو ته بهترين دور ته ڪو نه هو، ان تي وڏو وزير ڪاوڙجي پيو ۽ گار ڏني

وڏو وزير اٿيو ته مان به اٿيس، پوءِ ڪابينا ميمبرن جي چوڻ تي ويهي رهيس، مقبول باقر خلاف قانوني جنگ وڙهندس، اليڪشن ۾ نگران وڏي وزير جي مداخلت جي خبر ناهي، ايتري پڪ آهي ته هو فيورٽ ازم جو حامي آهي، وڏي وزير گٿا لفظ ڳالهايا، جنهن تي مون کيس چيو ته توهان جي والده منهنجي استاد آهي، توهان کي اهڙا لفظ ڳالهائڻ تي شرم اچڻ گهرجي

 نگران وڏي وزير چيو ته اجلاس مان نڪري وڃ، مون کيس چيو ته توهان ڪير ٿيندا آهيو مون کي اجلاس مان ڪڍڻ وارا