سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 231 ملير جي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو

0
20

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 231 ملير جي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو

 اسٽي آرڊر ۾ 7 آگسٽ تائين واڌ، ملير جي قومي تڪ اين اي 231 تان پيپلزپارٽي جو اميدوار عبدالحڪيم بلوچ ڪامياب ٿيو هو، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار خالد محمود ايڊوڪيٽ پ پ اميدوار جي ڪاميابيءَ کي چئلينج ڪيو هو

 اليڪشن ٽربيونل خالد محمود جي درخواست تي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عبدالحڪيم بلوچ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

 عبدالحڪيم بلوچ موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي