سنڌ سرڪار ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول آپريشنز کي موثر ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ جو فيصلو

0
18
سنڌ سرڪار ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول آپريشنز کي موثر ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ جو فيصلو
سنڌ سرڪار ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول آپريشنز کي موثر ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي آپريشنز کي اثرائتو ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ افرادي قوت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطح جو اھم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڪسائز کاتي جي ھاءِ ويز تي چوڪين کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ ۽ بين الصوبائي سرحدي رستن تي نيون چوڪيون تعمير ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽  اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھاءِ ويز تي چوڪيون مڪمل طور تي فعال ڪيون وڃن، بين الصوبائي سرحدي رستن تي به نيون چوڪيون تعمير ڪيون وڃن، چوڪين تي ھر وقت ايڪسائيز جا اھلڪار مقرر ھوندا، جيڪي ٻين فورسز وانگر اثرائتي نموني اسنيپ چيڪنگ کي يقيني بڻائيندا. صينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ فيصلي تحت چوڪين جي تعمير جو ڪم بروقت شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. اجلاس ۾ موٽر وھيڪل ونگ مان 100 کان وڌيڪ ڪانسٽيبلز کي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ ۾ آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ان جي افرادي قوت وڌائي ويندي، تعليمي ادارن ۾ ڊرگ ٽيسٽنگ  جلد شروع ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ تياريون آخري مرحلي ۾ آھي. هن چيو ته منشيات معاشري کي کوکلو ڪري رھي آھي، ان خلاف روزاني جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون وڃن. ھن ھدايتون جاري ڪيون تھ منشيات کي روڪڻ لاءِ اسنيپ چيڪنگ جو اثرائتو نظام شروع ڪيو وڃي. اجلاس جي موقعي تي ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي منشيات خلاف آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني