سنڌ اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر سڀاڻي حلف کڻندا، جي ڊي اي پاران ڌرڻي ۽ گهيراءُ جو اعلان

0
213

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر سڀاڻي حلف کڻندا، گورنر سڀاڻي صبح 10 وڳي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي

جي ڊي اي پاران چونڊيل نمائندن جي حلف برداري جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 جي ڊي اڳواڻن حيدرآباد ۽ مورو جي جلسن دوران چتاءُ ڏنو هو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ اڄ جي ڊي اي جي چيف ڪو آرڊينيٽر صدر الدين شاهه جي رهائشگاهه تي اهم اجلاس ٿيندو

 اجلاس ۾ جي ڊي اي ۾ شامل جماعتن کانسواءِ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ جا اڳواڻ به شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي ۽ 26 فيبروري تي بدين واري ڌرڻي بابت حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويندو

 اجلاس ۾ صفدر عباسي، فهميدا مرزا، مرتضيٰ جتوئي، حليم عادل شيخ، راشد محمود سومرو، حافظ نعيم ۽ ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيندا