شڪارپور ۾  گٽر نالي ۾ ڪم دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب پورهيت فوت

0
14
شڪارپور ۾  گٽر نالي ۾ ڪم دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب پورهيت فوت
شڪارپور ۾  گٽر نالي ۾ ڪم دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب پورهيت فوت

شڪارپور ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ سبب هڪ وڌيڪ افسوسناڪ واقعو، گٽر نالي ۾ ڪم دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب هڪ پورهيت فوت، ٻيو بيهوش ٿي ويو

 دبئي سٽي ڪالوني ۾ ميونسپل ملازم صفائيءَ لاءِ گٽر نالي ۾ لٿا ته خانچند آباد واسي خان محمد جوڻيجو ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو، دائم مارفاڻي بيهوش ٿي ويو، بيهوش پورهيت کي اسپتال منتقل ڪيوويو

ميونسپل انتظاميا موجب نئين نالي ۽ کوهه جي صفائيءَ دوران ملازمن سان واقعو پيش آيو، 3 ڏينهن اڳ ٺاروپور محلي ۾ ٻارڙِي عائشه کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي هئي

 ساڳئي پاڙي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٻارڙو ايان علي به گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو،  ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب ڪجهه ئي ڏينهن اندر ٽن افسوسناڪ واقعن ۾ 3 حياتيون ضايع ٿي چڪيون