شهيد ذوالفقار ڀٽو تي ڳالهائڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم اهو ڏسي ته لياقت علي خان جو ڇا ڪردار هو:سعيد غني

0
40
شهيد ذوالفقار ڀٽو تي ڳالهائڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم اهو ڏسي ته لياقت علي خان جو ڇا ڪردار هو:سعيد غني
شهيد ذوالفقار ڀٽو تي ڳالهائڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم اهو ڏسي ته لياقت علي خان جو ڇا ڪردار هو:سعيد غني

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جون نئين سر ڀرتيون ڪرائڻ وارو عدالتي فيصلو ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ سان نه آيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو تي ڳالهائڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم اهو ڏسي ته لياقت علي خان جو ڇا ڪردار هو، ڪوٽا سسٽم لياقت علي خان آندو هو، ايم ڪيو ايم پي ايس پي هٿان يرغمال بڻيل آهي، اصل اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال آهي خالد مقبول رڳو نالي ۾ نهال آهي

سعيد غني چيو ته ڪراچي جي اصل بربادي ايم ڪيو ايم جي اچڻ سان شروع ٿي، ايم ڪيو ايم اڃا تائين لساني تعصب واري سياست ڪري رهي آهي، هنن کي لساني تعصب جو سبق متحده باني سيکاريو آهي

سعيد غني جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ جڏهن به بهتري اچڻ شروع ٿيندي آهي ته ايم ڪيو ايم زهر اوڳاڇڻ شروع ڪندي آهي، عوام لساني تعصب واري سياست کي رد ڪيو آهي