شهيد نصرالله جي قتل وقت منهنجا پٽ پرڏيهه ۾ هئا ۽ مان اسلام آباد ۾ هيس: خالد لنڊ

0
39

شهيد نصرالله جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد احمد لنڊ چيو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل تي پهرين ڏينهن کان ئي سياست شروع ٿي وئي، شهيد نصرالله اسان جو ڀاءُ هو، شهيد نصرالله جي قتل وقت منهنجا پٽ پرڏيهه ۾ هئا ۽ مان اسلام آباد ۾ هيس

 شهيد نصرالله جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد احمد لنڊ ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ اسان جو هٿ ناهي، وري وري چوان ٿو ته نصرالله گڏاڻي اسان جو ڀاءُ هو

خالد احمد لنڊ ٻنهي پٽن سوڌو قتل ڪيس ۾ پيشي لاءِ ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهتو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب خالد لنڊ پٽن سوڌو گهوٽڪي جي عدالت ۾ پهتو، گهوٽڪي جي عدالت خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ڪچي ضمانت 10 جولاءِ تائين منظور ڪري ورتي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد احمد لنڊ چيو ته اسان بي گناهه آهيون، اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو، شهيد نصرالله جي قتل ڪيس ۾ ڪير ملوث آهي اهو پتو لڳائڻ پوليس جو ڪم آهي