سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي چئني ٻارن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي: انصار برني

0
80
سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي چئني ٻارن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي: انصار برني
سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي چئني ٻارن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي: انصار برني

پاڪستان جي ناليواري سماجي اڳواڻ انصار برني جو سيما سچن جي معاملي تي ٻارن جي تحفظ واري قومي اداري کي خط لکي ڇڏيو آهي

انصار برني جو خط ۾ چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مذهب مٽائي پرڻو ڪندڙ سيما جا 4 ٻار جبري مذهبي تبديليءَ جو شڪار آهن، سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي چئني ٻارن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

انصار برني سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي وڪيل طور لکيل پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته غلام حيدر کي پنهنجن ٻارن سان رابطو ڪرڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي، ڀارت جو آئين به ٻارن جي تحفظ جي خاطري ڪرائي ٿو

هن جو چوڻ هو ته غلام حيدر کي سندس ٻارن سان وڊيو لنڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وڃي، غلام حيدر جي چئني ٻارن جي پاڪستان واپسيءَ جا انتظام به ڪيا وڃن

 مئي 2023 ۾ جيڪب آباد واسڻ سيما حيدر پنهنجن چئني ٻارن سان غير قانوني طور ڀارت وڃي سچن نالي نوجوان سان پرڻو ڪيو هو