ساوند – سندراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ گوهر پيليس ۾ جرڳو جاري

0
89
ساوند سندراڻي جرڳي جي فتويٰ، 6ڪروڙ 36لک ڏنڊ: اجمل ۽ وڪيل نور الاهي جي خون بها هڪ هڪ ڪروڙ مقرر
ساوند سندراڻي جرڳي جي فتويٰ، 6ڪروڙ 36لک ڏنڊ: اجمل ۽ وڪيل نور الاهي جي خون بها هڪ هڪ ڪروڙ مقرر

ساوند – سندراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ گوهر پيليس ۾ سردار علي گوهر مهر جي سرپينچي هيٺ جرڳو جاري

 جرڳي دوران ساوند برادري جي نمائندگي شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند، ڊاڪٽر علي نواز، عبدالسبحان ۽ منظور ساوند ڪري رهيا آهن

 سندراڻي برادري جا ماڻهو سردار عابد خان سندراڻي، احسان خان سندراڻي، راشد، اسرار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ هيٺ جرڳي ۾ پهتل

 پيپلزپارٽي جو اڳواڻ خورشيد شاهه، شبير خان بجاراڻي، جلال خان ڪلپر بگٽي، غوث بخش مهر ۽ ٻيا به جرڳي ۾ موجود آهن

 جرڳي ۾ خوني تڪرار بابت ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن، شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جو ڌار جرڳو ڪيو ويندو

 شهيد اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند گذريل مهيني خورشيد شاهه، گل محمد جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آيل منٿ ميڙ قافلي کي مانُ ڏيندي تڪرار جي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو هو