غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ لاڳيتو چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال

0
13
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ لاڳيتو چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ لاڳيتو چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال

غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ لاڳيتو چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال، مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو ڪچي ۾ آپريشن به جاري

 انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿي ويل ٽن واپارين نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻيءَ جي بازيابي لاءِ هندو برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به ڪاروبار بند رکيو ويو، هندو برادري شاميانا لڳائي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 مغوين جي وارثن ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته واپارين جي بازيابيءَ تائين شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي

 دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن جاري آهي ڌاڙيلن جا مورچا ۽ گهر ڊاهڻ ۽ ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

 ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير بروهي چيو آهي ته پوليس کي جلد وڏي ڪاميابي ملندي ۽ مغوين کي بازياب ڪرائي وٺنداسين