ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جي تصديق، پاڪستان شامل آهي يا نه؟

0
116
ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جي تصديق، پاڪستان شامل آهي يا نه؟
ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جي تصديق، پاڪستان شامل آهي يا نه؟

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

آءِ سي سي موجب پاڪستان به انهن ٽيمن ۾ شامل آهي جن ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي

پاڪستان ٽي 20 فارميٽ ۾ بهتر رينڪنگ جي بنياد تي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ سڌو سنئون ڪواليفائي ڪري ورتو

ياد رهي ته پاڪستان هن سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ به نه پهچي سگهيو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا ۽ ٻين فورمن تي غلط بيان ڏنا پيا وڃن ته پاڪستاني ٽيم کي ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائر ميچ کيڏڻا پوندا

آءِ سي سي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ مجموعي طور تي 12 ٽيمن سڌي ريت ڪواليفائي ڪيو آهي، ميزبان سريلنڪا ۽ ڀارت کان علاوه افغانستان به ڪواليفائي ڪيو آهي جڏهن ته ٻين ٽيمن ۾ آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش، انگلينڊ شامل آهن. ويسٽ انڊيز، آمريڪا، آئرلينڊ ۽ نيوزيلينڊ به شامل آهن

آءِ سي سي موجب ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڪل 20 ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون، جڏهن ته باقي 8 ٽيمن جي چونڊ گذريل ٽي 20 ورلڊ ڪپ وانگر ريجنل ڪواليفائرز ذريعي ڪئي ويندي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 تازو ختم ٿيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فارميٽ تي کيڏيو ويندو جنهن ۾ 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ رکيو ويندو ۽ 8 ٽيمون سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪنديون