پي ٽي آءِ باني پاران حڪومتي اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان

0
19

پي ٽي آءِ باني پاران آپريشن عزم استحڪام بابت حڪومتي اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي

 اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته هي ملڪي مسئلو آهي ۽ ملڪ جي خاطر اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين

 پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان جي پارٽي اي پي سي ۾ شرڪت ڪندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌندي، افغانستان سان اسان جو اڍائي هزار ڪلوميٽر جو بارڊر گڏوگڏ آهي

هن چيو ته افغان حڪومت سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ تائين ٽي ٽي پي خلاف ڪا به جنگ کٽي نه ٿي سگهجي، عزم استحڪام آپريشن تي خدشا موجود آهن، عوامي طاقت سان چونڊيل حڪومت ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي