وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪابينا سميت پگهارون ۽ ڪي به مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو

0
83
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪابينا سميت پگهارون ۽ ڪي به مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪابينا سميت پگهارون ۽ ڪي به مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪابينا سميت پگهارون ۽ ڪي به مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جا شاهاڻا خرچ ختم ڪرڻا پوندا، ڪيترائي اهڙا کاتا آهن جن جي ضرورت نه آهي

هن چيو ته اهڙا کاتا صوبن جي حوالي ڪيا ويندا، ملڪ ۾ هر سال 405 ارب روپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي، بجلي ۽ گئس جي چوري بلڪل به برداشت نه ڪئي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف ٽيڪس اوڳاڙين جو دائرو وڌائڻ جو شرط رکيو آهي، وفاق صوبن جي سهڪار کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، چئني وڏن وزيرن کي چوان ٿو ته  ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي