پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، پيٽرول پمپس جزوي طور بند

0
24
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، پيٽرول پمپس جزوي طور بند
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، پيٽرول پمپس جزوي طور بند

حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس جزوي طور بند

 پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پر حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا، ايڊوانس ٽرن اوور ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وڏي زيادتي آهي

هن چيو ته ٻڙي ڏهائي 5 ٽرن اوور ٽيڪس جي ادائگي سان پيٽرول پمپس جو ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، مطالبن جي مڃتا تائين حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون

 پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل نعمان بٽ هڙتال جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي معمول موجب جاري رهندي، ڪجهه ڌرين هڙتال جو سڏ آهي، ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ نه ڏنو آهي، حڪومت سان ڳالهيون جاري رهنديون