پي ٽي آءِ جي وڪيلن خاور مانيڪا تي چماٽن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

0
45
پي ٽي آءِ جي وڪيلن خاور مانيڪا تي چماٽن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو
پي ٽي آءِ جي وڪيلن خاور مانيڪا تي چماٽن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

اسلام آباد جي عدالت ۾ عدت نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن جو خاور مانيڪا تي مبينا طور حملو ڪري ڏنو

پي ٽي آءِ جي وڪيلن عدالت مان ٻاهر نڪرڻ تي خاور مانيڪا تي چماٽن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

وڪيلن پاران بوتلون به اڇلايون ويون، خاور مانيڪا زمين تي ڪري پيو

 پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان چيو آهي ته خاور مانيڪا عدالت آڏو پي ٽي آءِ باني خلاف غير اخلاقي ۽ فحش ڳالهيون ڪيون

جج به خاور مانيڪا کي نه روڪيو، بوگس ڪيس هئڻ باوجود عدالت سزا معطل نه ڪئي، ڪيس پنهنجو موت پاڻ مري چڪو آهي

 پي ٽي آءِ باني کي ضمانت ۽ رليف ملڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيسز کي اجائي ڊيگهه ڏني پئي وڃي