نان فائلرز جون 2 لک 10 هزار موبائل سمون بلاڪ ڪيون ويون

0
38
نان فائلرز جون 2 لک 10 هزار موبائل سمون بلاڪ ڪيون ويون
نان فائلرز جون 2 لک 10 هزار موبائل سمون بلاڪ ڪيون ويون

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

ذريعن موجب هن وقت تائين نان فائلرز جون 2 لک 10 هزار موبائيل سمون بلاڪ ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ تي 61 هزار 996 سمن کي بحال ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته روزاني جي بنياد تي 5 هزار موبائل سمن جو ڊيٽا ٽيلي ڪام ڪمپنين کي موڪليو پيو وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي 5 لک 6 هزار 671 نان فائلز بلاڪ ڪيون وينديون

ياد رهي ته تازو ئي ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل سم بلاڪ ڪرڻ جو انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪيو هو

ايف بي آر موجب اهي ماڻهو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جا اهل آهن پر اهي ماڻهو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي قابل هئڻ باوجود فائل نه ٿا ڪري رهيا، اهي ماڻهو ايف بي آر جي فعال ٽيڪس ادا ڪندڙن جي لسٽ ۾ شامل نه آهن، ان ڪري اهي انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪن. غير استعمال ڪندڙن جا موبائل فون ڪنيڪشن ڪنهن به وقت ختم ڪري سگهجن ٿا