اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو آهي، الزام هڻڻ کان اڳ ثبوت ڏيو: بلاول

0
69

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو آهي، الزام هڻڻ کان اڳ ثبوت پيش ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري صحافيءَ جي سوال تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ملاقات ٿي به آهي ته ڪهڙو ثبوت آهي ته اها ذاتي مقصد يا مفادن لاءِ ڪئي وئي

هن چيو ته عدليه ۽ ٻين ادارن وٽ داغ ڌوئڻ جو هڪ موقعو آهي، صدارتي ريفرنس تي هاڻي ججز کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا آمريت جي دور ۾ ڀٽو جو قتل درست فيصلو هو

بلاول چيو ته جيڪڏهن اهو درست فيصلو نه هو ته پوءِ هاڻي ان جو ازالو ڇا ٿيندو، اسلامي قانون موجب ته اک جو بدلو اک آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته تاريخ جو ريڪارڊ درست ڪيو وڃي

صدر عارف علوي پاران صدارتي ريفرنس واپس وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته صدر اهڙو ڪو به قدم نه کڻندو جنهن سان مان ناراض ٿي وڃان