نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس

0
117

نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري، اجلاس سوا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اسپيڪر سبطين خان، نوازليگ جي نامزد سي ايم پنجاب مريم نواز ۽ نوان چونڊيل نمائندا اجلاس ۾ موجود

 نواز ليگ جي ميمبرز ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيل پي ٽي آءِ ميمبرز جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته اڄ رڳو نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويندو

 سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، مريم نواز ايوان ۾ پهتي ته نوازليگ جي ميمبرز نعرا هڻي ۽ ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي

مريم نواز اسيمبلي آمد تي چيو ته خدا ڪري ته پنجاب لاءِ هڪ نئون دور شروع ٿئي، مريم نواز پنجاب اسيمبلي ۾ پارٽيءَ جي چونڊيل ميمبرز سان گڏجاڻي به ڪئي

 مريم نواز چيو ته توهان سڀني کي جمهوريت جو نئون دور مبارڪ هجي، سڀ گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين