ميرپورماٿيلو: جروار روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي مرڻينگ

0
64
ميرپورماٿيلو: جروار روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي مرڻينگ
ميرپورماٿيلو: جروار روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي مرڻينگ

ميرپور ماٿيلو (رپورٽر) جروار روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي مرڻينگ ٿي پيو

جروار روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ميرپورماٿيلي جو صحافي مرڻينگ ٿي پيو، صحافي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي سخت زخمي ٿي پيو ، زخمي صحافي نصر الله کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو

نصرالله گڏاڻي تي فائرنگ خلاف مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين پاران ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

صحافي برادري، زخمي صحافي جي وارثن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته بدامني وڌي وئي آهي، صحافين خلاف هٿ سان رڻ ٻاريو ويو آهي، حق ۽ سچ جي راهه تي هلندڙ صحافي نصرالله کي نشانو بڻايو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي