مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي 4 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
87

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي 4 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل  ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي 4 جوابدارن  جا گرفتاري وارنٽ جاري  ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد  مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت  پيش نه ٿيڻ تي غلام مصطفيٰ،  گلزار احمد، ظفر احمد ۽ اصغر ميمڻ  جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا

عدالت اڳوڻي پوليس آفيسر واجد  دراني ۽ ٻين جي حاضري کان ڇوٽ  واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت شاهد حيات جي ڀاءُ جي درخواست منظور ڪري ورتي

وڪيل ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد چار پوليس  آفيسر فوت ٿي ويا آهن، شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني،  آغا محمد جميل، مسعود شريف  فوت ٿي چڪا آهن

عدالت  فوت ٿيل جوابدارن جي  تصديقي  رپورٽ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي پوليس  آفيسر کي ويل چيئر تي  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اپيلون 2010ع کان ٻڌڻي هيٺ  آهن، جلد اڪلائڻ چاهيون  ٿا، عدالت وڌيڪ تفصيل طلب  ڪندي 22 اپريل تائين  جواب طلب ڪري ورتو