ايجنسين جي ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار واضح ٿي وڃي ته سٺو ٿيندو: جسٽس محسن اختر ڪياني

0
45
ايجنسين جي ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار واضح ٿي وڃي ته سٺو ٿيندو: جسٽس محسن اختر ڪياني
ايجنسين جي ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار واضح ٿي وڃي ته سٺو ٿيندو: جسٽس محسن اختر ڪياني

اسلام آباد: جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته ايجنسين جي ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار واضح ٿي وڃي ته سٺو ٿيندو، ايجنسين جي ڪم تي ڪنهن کي به اعتراض نه آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل بلوچ شاگردن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي  وڌيڪ چيو ته  اعتراض قانون کان مٿاهون ڪم ڪرڻ تي آهي، اسان کي پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي کي اثرائتو بڻائڻو آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪيو هن به اهو ئي چيو، اسان سڀني کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو آهي، اٽارني جنرل چيو ته جيستائين سياسي طور حل نه ڪيو ويندو هي مسئلو حل نه ٿيندو

 جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته مطلب توهان مڃو ٿا ته هي هڪ سياسي مسئلو آهي؟ اسان کي ٻاهران ڪنهن کي نه گهرائڻو آهي ته اچي مسئلو حل ڪري، غلطيون ٿينديون آهن ۽ غلطين مان سکي اڳتي وڌڻو هوندو آهي، توهان جي محنت سان ڪيترائي شاگرد بازياب ٿيا آهن

اٽارني جنرل چيو ته رياست کي همدردي ڏيکارڻي پوندي، اسان جي معيشت گهڻي هيٺ وڃي چڪي آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اهڙين حالتن ۾ عالمي سيڙپڪار هتي سيڙپ ڪيئن ڪندا

اٽارني جنرل چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪو رهجي ويو آهي اهو به ڪنداسين، ٿورو وقت ڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جنگ ۾ به اڇو جهنڊو ڦڙڪائي فائربندي ڪئي ويندي آهي، ڳالهه ٻولهه ڪري حل ڪڍيو ويندو آهي

هن چيو ته جيستائين گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ٿيندا رهندا تيستائين عدالتون ڪم ڪنديون رهنديون