لاڙڪاڻي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا جو وڊيو بيان، امڙ تي سنگين الزام

0
233
لاڙڪاڻي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا جو وڊيو بيان، امڙ تي سنگين الزام
لاڙڪاڻي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا جو وڊيو بيان، امڙ تي سنگين الزام

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ اٺين جماعت جي شاگردياڻي دعا شمائلا جي مبينا اغوا واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، شاگردياڻي طرفان بلوچستان وڃي پسند جو پرڻو ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي، شاگردياڻي شمائلا عرف دعا بروهي جي وڊيو سوشل  ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

اغوا ڄاڻايل شمائلا  بروهي وڊيو بيان ۾ چئي رهي آهي ته مون وسيم بروهي سان بلوچستان اچي شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، جيڪي ڪيس آهن اهي فضول آهن ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي ٽارچر نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ هن مون کي اغوا ناهي ڪيو

اغوا ٿيل شاگردياڻي شمائلا پنهنجي امڙ مٿان الزام لڳائيندي چئي رهي آهي ته منهنجي امڙ سان اختيار ابڙو جو ناجائز تعلق هو جيڪو مون سان تمام گهڻي بدتميزي ڪندو هو ان ڪري مان پنهنجي گهران نڪتي آهيان.

ناري دعا بروهي چيو ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، مان پنهنجي مرضي سان گهران نڪري  وسيم بروهي سان شادي ڪئي آهي، هن وقت مان وڊيو ۾ پنهنجي مڙس کي ان ڪري نه پئي ڏيکاريان ته ڇاڪاڻ ان کي خطرو آهي

شمائلا بروهي وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مون کي سڀاڻي ڪجهه به ٿيو ان جا ذميوار منهنجي امڙ رفعت ياسمين  ۽ اختيار ابڙو هوندا

وڊيو بيان ۾ ناري شمائلا عرف دعا بروهي چيو ته ايس ايس پي کي گذارش آهي ته توهان جن کي به گرفتار ڪيو آهي انهن کي ڇڏي ڏيو  هنن مون کي اغوا ناهي ڪيو