ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

0
83
ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل
ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

مقتول استاد جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ پنج سڃاتل ۽ ٻن نامعلوم  جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو

ڪيس ۾ نصرالله، ظفرالله، پيارو، صدام ۽ عبدالڪريم نندواڻي کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن جو پتو نه پئجي سگهيو، استاد جي گهر ۾ قهرام متل آهي

ٻئي پاسي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ايس ايس پي ڪشمور جي اڳواڻيءَ ۾ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ آپريشن، جوابدارن جي ٿاڪن ۽ مورچن کي باهيون ڏئي ڊاهي پٽ ڪيو ويو

ڊي آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته شروعاتي جاچ ۾ قتل ٿي ويل استاد جي وارثن ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاروڪاري جي تڪرار تان جوابدارن بگي نندواڻي، هادي بخش عرف هادو نندواڻي ۽ پيارو نندواڻي سندن مائٽ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ تي حملو ڪيو هو ته استاد الهه رکيو نندواڻي فائرنگ ڪري جوابدارن کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو

پڌرائي ۾ چيو ويو ته جوابدار بگي نندواڻي استاد الهه رکيو نندواڻي کي ڌمڪي ڏني هئي ته تو اسان جي ڪاري کي بچايو آهي جنهن جي پلاند ۾ اسان توکي قتل ڪنداسين

ڊي آءِ جي آفيس مان جاري پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته استاد الهه رکيو نندواڻي کي بگي نندواڻي پنهنجي ساٿين سميت قتل ڪيو آهي، واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي ۽ وارثن جي مرضيءَ موجب اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ڪرمپور ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد قتل