پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، راشد محمود زخمي

0
48
ڪراچي، شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ
ڪراچي، شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ

ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيو، پوليس جي شيلنگ ۾ ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيا آهن

راشد محمود سومرو کي به ڄنگهه ۾ شيل لڳو،  راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن جو نرسري وٽ ڌرڻو هنيو ويو

ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ لڳايل ڌرڻا ختم ڪيا ويا، پوليس پاران ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ قافلن کي روڪيو ويو هو

 راشد محمود سومرو جي پوليس آفيسرز سان ڏند چڪ به ٿي، جي ڊي اي جون ڪارڪن عورتون به جي يو آءِ سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيون

ڌرڻن مان ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ مظاهرين کي روڪڻ تان شاهراهه فيصل وٽ چڪريون شروع ٿيون،  راشد محمود سومرو پاران وڊيو بيان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي قافلن کي روڪڻ جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي