ڪراچي ۾ نوشهروفيروز واسي شاگردياڻي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل

0
397
ڪراچي ۾ نوشهروفيروز واسي شاگردياڻي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل
ڪراچي ۾ نوشهروفيروز واسي شاگردياڻي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل

ڪراچي ۾ نوشهروفيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو

پوليس موجب ڪورنگي بلال ڪالوني جي سيڪٽر 8 ۾ 13 سالن جي ثنا ٻرڙو کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو

 ثنا جو والد انور علي ڪم تي ويل هو ۽ سندس گهر واري ڀاڄي وٺڻ وئي هئي، واپس آئي ته کيس ڌيءَ جو لاش لٽڪيل مليو

 پوليس موجب شروع ۾ واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو هو، پر ڇت گهڻي مٿي هئڻ سبب شڪ پيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ مان ٻارڙيءَ سان زيادتي جي تصديق ٿي

 پوليس موجب واقعي ۾ گهر جو ڪو ماڻهو ملوث هئڻ جو خدشو آهي، متاثر خاندان 6 مهينا اڳ نوشهرو فيروز مان ڪراچي آيو هو، وارث مقتول ٻارڙيءَ جو مڙهه نوشهروفيروز کڻائي ويا