ڪراچي ايئرپورٽ تي نجي ايئر لائن جي جهاز جي هنگامي لينڊنگ، گورنر سنڌ به سوار هو

0
57
ڪراچي ايئرپورٽ تي نجي ايئر لائن جي جهاز جي هنگامي لينڊنگ، گورنر سنڌ به سوار هو
ڪراچي ايئرپورٽ تي نجي ايئر لائن جي جهاز جي هنگامي لينڊنگ، گورنر سنڌ به سوار هو

ڪراچي: ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ نجي ايئر لائن جي اڏام جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري به فيملي سوڌو سوار هو

ان سلسلي ۾ ذريعن موجب نجي ايئر لائن جي اڏام ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پنهنجي ڪٽنب سميت سوار هو، جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ اڏام ۾ 150 ٻيا مسافر به سوار هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪ آف کان فوري بعد جهاز ۾ فني خرابي پيش آئي، جنهن کانپوءِ ڪپتان ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کان فوري ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت جي درخواست ڪئي

سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڏام جي ايمرجنسي لينڊنگ کانپوءِ اڏام منسوخ ڪئي وئي، ايئرلائن انتظاميا مسافرن کي اسلام آباد لاءِ ٻي اڏام بابت آگاهه ڪندي