اسلام آباد: پرڏيهي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار سگنل ٽوڙي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي

0
34
اسلام آباد: پرڏيهي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار سگنل ٽوڙي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي
اسلام آباد: پرڏيهي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار سگنل ٽوڙي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار پوليس ڪانسٽيبل مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي

پوليس ذريعن موجب حادثو دستور هاءِ وي تي سگنل ٽوڙڻ سبب پيش آيو، جنهن ۾ ڪانسٽيبل عامر ڪاڪڙ زخمي ٿي پيو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪانسٽيبل عامر ڪاڪڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ پوليس اهلڪار جي موٽرسائيڪل تباهه ٿي وئي. ٻئي طرف پوليس موجب زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج جاري آهي ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد زخمي اهلڪار جي بهترين علاج جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي