پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم نينگر حسين آرائين بازياب

0
42
پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم نينگر حسين آرائين بازياب
پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم نينگر حسين آرائين بازياب

پنوعاقل ۾ گهر اندر ڌاڙي دوران اغوا ڪيل ٻارڙو محمد حسين آرائين بازياب، مغوي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ فون ڪري ٻڌايو ته ٻارڙو بازياب ٿي ويو آهي

ذريعن موجب ٻار جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ناڪام ٿيڻ بعد ايس ايس پي امجد شيخ پاڻ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون

ذريعن موجب سکر ضلعي جي اهم سياستدان جي ڪاروباري پارٽنر معرفت اغواڪار ٽولي سان راڄوڻي ڪوششون ڪيون ويون، محمد حسين آرائين کي ڌاڙيلن هفتو اڳ پنوعاقل شهر جي گهر ۾ گهڙي اغوا ڪيو هو

ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن تي دٻاءُ وِڌو، ڇاپا هنيا ۽ ٻار تي پهرو ڏيندڙ عورتن کي گرفتار ڪيو، اُن کانپوءِ جوابدار نينگر کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿيا، نينگر جي اغوا ۾ عجيب مهر ملوث آهي، سمورن جوابدارن کي پورو ڪنداسين