حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪندي گئس مهانگي ڪري ڇڏي

0
21
حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪندي گئس مهانگي ڪري ڇڏي
حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪندي گئس مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت نئين بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اڳواٽ شرط پورو ڪندي ٽيڪسٽائل سميت جنرل انڊسٽري يا ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس مهانگي ڪري ڇڏي

ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ آچر ڏينهن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي سي سي پيٽروليم ڊويزن جي پيش ڪيل سمري منظور ڪري ورتي

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت برقرار رکڻ جي منظوري ڏني آهي، گئس جا نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا

ڪيپٽو کانسواءِ باقي انڊسٽري لاءِ به گئس اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي سي سي ڪيپٽو پاور لاءِ گئس ٽيرف 250 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪيپٽو لاءِ گئس ٽيرف 2750 مان وڌائي 3 هزار رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

ذريعن موجب ٽيڪسٽائل سميت جنرل انڊسٽري يا ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس ٽيرف 2750 رپين مان وڌائي 3000 في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپنين کي ساليانو 92 ارب رپيا واڌو روينيو ملندو، آءِ ايم ايف جي مطالبي تي جنرل انڊسٽري لاءِ جنوري 2025 ۾ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو پلان به غور هيٺ آهي

ٻنهي ڪمپنين جو مجموعي روينيو 898 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 1029 ارب تائين پهچي ويندو، جڏهن ته ٻه ڀيرا گئس جا اگهه وڌائڻ سان مجموعي طور تي 132 اربن کان وڌيڪ واڌو روينيو ملندو