غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال

0
7
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال

غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال، هندو برادري پاران اڄ ڪٺ طلب  ڪيو ويو

مغوين نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي جي بازيابيءَ لاءِ شاهي بازار، مندر چوڪ، دولي چوڪ ۽ ناز بازار سميت شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا

 5 ڏينهن کان شهر نه کلڻ سبب شهري ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار، ٽئي مغوي واپاري بازياب نه ٿيڻ تي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي

 هندو برادري پاران ضلعي جي سمورن پنچائتي ميمبرن جو اڄ ڪٺ گهرايو ويو، پنچائتي ڪٺ ۾ مغوين جي بازيابيءَ بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي