Feature Story … گمشده درياھن جي ڪٿا- I

0
32
Feature Story ... گمشده درياھن جي ڪٿا- I

 سال 2022ع، 12 نومبر جي ڏينھن، ٺٽي ويجھو سجاول پُل تي بيٺو ھئس، جنھن ھيٺان سنڌو وڏي عرصي کان پوءِ پنھنجي ڊيلٽا طرف رڙندو، سڏڪندو وھي رھيو ھئو. مونکي ائين لڳو ڄڻ سنڌو مري رھي آھي. سارو سال ڪيترن ئي مھينن تائين سندس منھن ۾ واري اڏندي رھندي آھي ته ٻي طرف سمنڊ مٿس ڪاھ ڪندو وڌندو، کيس لوڻاٺيندو ٿو اچي. سدا وھندڙ سنڌوءَ جي لھرن جو رقص ھاڻ فقط ٻوڏن ۾ ئي نظر اچي ٿو، اھو ناچ ڪيڏو نه موتمار ٿئي ٿو جو سانگيئڙن جا جهوپا به کڻيو ٿو سمنڊ کي ارپي. ھن غم زده صورتحال ۾، آئون گمشده ھاڪڙي ۽ پُراڻ جي تلاش ۾ نڪران ٿو، جنھن مان ھڪ ستلج جي سھڪاري ندي ھئي ته ٻي ندي سنڌو درياھ مان پُر ٿيندي رھندي ھئي.

جون کان سيپٽمبر تائين سڄي پاڪستان ۾ جيڪو ٻوڏ قتلِ عام ڪيو، مون سميت منھنجا پڙھندڙ ان جا تاريخي گواھ آھن. ميرپورخاص, بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ مون بي يارو مددگار، مجبور ۽ ڦاٿل ماڻھو ڏٺا، جيڪي روڊن تي، بندن تي ھزارن جي تعداد ۾ دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھئا. چوڏس پاڻي ئي پاڻي ھئو. سڀ کان دردناڪ منظر مون ھڪ ٻالڪ جو لاش ڏٺو، جنھن تي عورتون زارو زار روئي رھيون ھيون. جن جي تڪليف فقط اھي ئي محسوس ڪري سگھيا ٿي، جن ٻوڏ ۾ پنھنجا گھر تڙ مائٽ وڃايا ھئا.

هاڻي ٻه مهينا گذري چڪا هئا، پر رستا انهن عارضي پناهگيرن جي نشانين سان ڀريل هئا. ٻوڏ جي تباهيءَ بعد روڊن تي بي گھر ٿي گڏ ٿيل ٽڙيل پکڙيل ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽي چُڪا ھئا، پر اُھي انھن روڊن تي پنھنجون اسپيڊ بريڪر سميت انيڪ نشانيون ڇڏي ويا ھئا، جيڪي تيز رفتار ڪارن ۽ ٽرڪن کي سندن عدم موجودگي ۾ به موجودگي جو احساس ڏياري رھيون ھيون.

تارا چند جي المناڪ ڪٿا

آئون پنهنجي موٽر سائيڪل تي سوار ھئس. پاگل پُراڻ وانگر پنھنجي پاڻيءَ جي لنگھن جي ڳولا ۾ ڀڄندي، ڪوٽڙي بئراج کان اٽڪل 160 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جهنڊو ڀرسان جان محمد لغاري ڳوٺ ۾ ھڪ اوطاق تي پهتس. اِها پُراڻ جي سرد لاش جھڙي ٿڌڙي رات هئي، جيڪا مسلسل اُتر جي هوائن سبب وڌيڪ سرد ٿيندي پئي وئي. ھن سرد رات جي هوا ۾ ڪنهن مرده شئي جي بوءِ اچي رهي هئي.

ان رات مان کٽ تي ليٽيل ھئس ۽ ڀرسان ويٺل 25 سالن جي تارا چند سان ڳالهائي رھيو ھئس. ھي شخص نوجوان ۽ سهڻو هو، سندس چهري تي دور جي بي رحم بُرش انيڪ اذيتن جي رنگ سان نقش چٽيا ھئا. انهن اذيتن ۾ نمايان رنگَ نوآبادياتي، ذات پات ۽ طبقاتي هئا. 2021 ۾، هن پنهنجي ٻن سالن جي پٽ مهاوير کي وڃايو ھئو. تارا چند چيو، “مان ڪم تي ويل ھئس ۽ اسان جون عورتون پلاسٽڪ جون چادرون ٺاهڻ ۾ مصروف هيون، تنهنڪري ڪو به کيس ڏسي نه سگهيو. مهاوير هڪ کڏ ۾ ٻڏي ويو، جيڪا ٻوڏ جي پاڻيءَ سان ڀرجي وئي ھئي”.

2022 جي ٻوڏ دوران ان خوفناڪ رات جون يادون تارا چند جي لاشعور مان ليئا پائي سندس نوجوان وجود کي واسينگ جيان ڏنگڻ لاءِ واپس وريون ھيون. پُراڻ هڪ زرعي بند کي ٽوڙي تارا چند جي گهر ڏانهن ڪاهي پيو ھئو. سندس خاندان جا ڇھ ڀاتي گھر اندر هئا، جن ۾ سندس ماءُ، پيءُ، هن جي زال ۽ هن جا ٽي ٻار شامل ھئا. تارا چند ڇرڪي چيو، “مان اهو ئي پاڻي ڏسي رھيو آھيان، جنهن منهنجي پٽ کي ماريو هو ۽ ھاڻي اھو منهنجي خاندان جي ٻين ڀاتين لاءِ اچي رهيو هو”. پر اهي سڀ ڪنھن نه ڪنھن ريت بچي ويا. “مون پنهنجن ٻن ڌيئرن کي پنهنجي ڪڇ ۾ کنيو”. هن وڌيڪ چيو، “مان ان رات تمام گهڻو رنو ھئس”.

مونکي اها ڳالهه ٻڌائي تارا چند مئل درياهه هاڪڙي وانگر خاموش ٿي ويو. ھُن لاڙ پٽي جي مشهور ڳائڻي فوزيه سومرو جو گانو سندس بٽڻن واري سادي موبائيل فون تي هلڪي آواز ۾ وڄايو:

ڪنھن ھٿ ھلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا،

اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا.

پر صرف موسيقي زخمن کي ڀرڻ لاءِ ڪافي ناھي. اها انهن زخمن کي فقط چند لمحن لاءِ سُن ڪري سگهي ٿي. تارا چند جنھن صدمي مان گذري رھيو ھئو، تنھن جو موت سواءِ ڪو انت نه آھي. ھن جي وجود کي ڪيترائي ڀيرا ھن صدمي جهنجهوڙيو ھئو. اهو صدمو هڪ مظلوم سنڌي هاريءَ جو، هڪ پسمانده هندو، هڪ غريب ڪولهيءَ جو ھو.

ٻئي ڏينهن صبح جڏھن سج مٽيءَ ۾ ڀڀوت ھن جي ڳوٺ جي منظر تي اڀريو ته مون کيس الوداع ڪيو. هن کي زمين تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو، ۽ مون کي ھاڪڙي ۽ پُراڻ جي ڳولھا ۾ اڳتي هلڻو هو. مون ساڻس واعدو ڪيو ته آئون پنھنجي سفر جي آخر ۾ ساڻس ملڻ ايندس. پنھنجي موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌي ۽ سامھون پکڙيل روڊ ڏسي، مون کي پنهنجي خانه بدوشيءَ واري زندگي تي اطمينان ٿيو.

موڪلائڻ مھل، مان کيس دوستاڻي لھجي ۾ “يارو ياري” چئي، موٽر سائيڪل کي گيئر ھڻي پنھنجي سفر ڏانھن وڌڻ لڳس. مان سوچيو ته يقينن هن سفر ۾، مون کي هن جهڙا ٻيا به گهڻا ماڻھو ملندا، يعني اهڙا ماڻهو، جن پاڻيءَ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو، پر هو هميشه ھن پاڻي کان، سندس اصلوڪن لنگھن کان ڪنھن ٻي کان وڌيڪ واقف ھئا.

ھاڪڙي ۽ پُراڻ جو داستان

جن ڳوٺن مان آئون گذري رھيو ھئس، هاڪڙو ۽ پُراڻ درياءَ ڪنهن زماني ۾ انهن ڳوٺن جي زندگيءَ جون نديون هيون. انهن دريائن ھتان جي ڳوٺن ۽ برادرين کي سخت ترين دور ۾ به جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو ھئو. ھڪ روايت مطابق، هاڪڙو هڪ دائمي نديءَ طور ھڙاپائي تھذيب کي برقرار رکندڙ ندي رھي آھي، جيڪا اڪثر رِگ ويد جي افسانوي سرسوتيءَ جي برابر سمجھي ويندي آهي. پراڻ ڪنهن زماني ۾ سنڌو جي پوڇڙ واري سنڌ جي مقامي معيشت جو ڀرجهلو هوندي هئي، جيڪا زراعت کي هٿي وٺرائيندي ھئي ۽ شهرن جي واڌ ويجهه کي همٿائيندي ھئي.

سنڌو درياھ ۽ سمنڊ جي فطري توازن کي بگاڙڻ لاءِ نوآبادياتي منصوبن جو گهڻو ڪردار رھيو آھي. انگريزن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ جي ھيٺين علائقن ۾ آبادي گهڻو ڪري زراعت ۽ چوپائي مال تي ڀاڙيندڙ هئي، سندن ھر تحرڪ ۽ ھلچل سنڌو نديءَ جي وهڪري سان هم آهنگ ھوندو ھو. انگريزن پاران ٺاهيل ڪئنال جي نظام سنڌ جي ماحوليات ۽ آبي نظام تي ڏاڍو اثرانداز ٿيو آھي. ھن نظام مان مراد پوري سال جي آبپاشي لاءِ دريائن جي پهچ کي وڌائڻ، بئراجن جي اڏاوت ۽ زراعت جي نوآبادياتي طرز پيداوار آھي، جيڪو ھتان جي دريائن جي زوال جو سبب بڻيو آھي. سکر بئراج، 1932ع ۾ سنڌوءَ مان پاڻي جي وهڪري کي ھاڪڙي نديءَ طرف جاري رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو ھو، جنهن قدرتي وهڪرن ۾ وڏي تبديلي آندي.

زمين جي مالڪي ۽ پاڻي جو انتظام وڏن زميندارن ۽ انگريزن جي مفادن وٽان هو. ڌرتي ڌڻين جي تاريخ، سندن بنيادي حقن ۽ دريائن بابت مقامي ڄاڻ کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن جي ڪري ڌرتي ڌڻين جي بيدخلي ۽ وسيلن تي تڪرار جو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آهي. اڄ هاڪڙو ۽ پُراڻ مڪمل سُڪل هوندا آهن، صرف چوماسي جي موسم ۾ برسات جي پاڻي سبب اھي درياھ وهندا آهن. اهي برادريون جيڪي ڪڏهن پنهنجي معيشت لاءِ انهن تي ڀارينديون هيون، تن کي ھاڻ زندگيءَ جي نون طريقن کي اپنائڻو پئي پيو. (هلندڙ)

(ليکڪ ۽ سنڌيڪار بابت:

هن فيچر اسٽوريءَ جو ليکڪ ذوھيب احمد پيرزادو ماحولياتي بگاڙ، سياست، بيٺڪيت ۽ سرمائيداري تي تحقيقي ڪھاڻيون ۽ مقالا لکندو رھي ٿو، جيڪي ڏيھي توڙي عالمي آن لائين رسالن ۽ ويب چئنلز تي وقتن بوقتن شائع ٿيندا رھن ٿا. جڏهن ته، سنڌيڪار لطف علي ھالو سياست، فن، فلسفي، ثقافت، ٻولي، تاريخ، بيانيي ۽ سوشل ميڊيا جي سماج تي اثرن متعلق سنڌي ۽ انگريزي ۾ تحقيقي مقالا لکي ٿو، جيڪي ڏيھي ۽ عالمي ڊجيٽل رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آھن.)

)نوٽ: ھي ڪھاڻي 2022 جي ٻوڏ جو اکين ڏٺو احوال آھي. اھا ڪھاڻي 2023 ۾ جڳ مشھور اداري “ففٽي ٽو” پاران انگريزي ۾ شائع ڪئي وئي ھئي. ان جي سڀني ڪردارن سان توھان اڄ به ذڪر ڪيل علائقن ۾ ملي سگھو ٿا، جيڪي اڄ به ايندڙ وقت ۾ ڪنھن وڌيڪ ڀيانڪ ٻوڏ جي خوف کان ھر رات ڇرڪي سمھي ناھن سگھندا!)

https://fiftytwo.in/story/rivers/