صحافت جي ڏهاڙي تي خضدار ۾ ڌماڪو، پريس ڪلب جو صدر شهيد، ڪيترائي زخمي

0
57
صحافت جي ڏهاڙي تي خضدار ۾ ڌماڪو، پريس ڪلب جو صدر شهيد، ڪيترائي زخمي
صحافت جي ڏهاڙي تي خضدار ۾ ڌماڪو، پريس ڪلب جو صدر شهيد، ڪيترائي زخمي

خضدار:صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي خضدار ۾ ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ صحافي صديق مينگل شهيد ٿي ويو، ٻڌايو ويو وڃي ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

خضدار ۾ ڌماڪي سبب صحافي محمد صديق مينگل شهيد ٿي ويو ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

پوليس موجب خضدار ۾ قومي شاهراهه تي سلطان ابراهيم خان روڊ تي ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ذريعي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو

ايس ايڇ او خضدار سٽي موجب ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ هڪ شخص شهيد ٿي ويو ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

پوليس موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ محمد صديق مينگل جي نالي سان ٿي آهي جيڪو مقامي صحافي هو