سنڌ ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: آصف زرداري جون گهرو وزير کي هدايتون

0
28
سنڌ ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: آصف زرداري جون گهرو وزير کي هدايتون
سنڌ ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: آصف زرداري جون گهرو وزير کي هدايتون

صدر آصف علي زرداري سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار کي هدايتون ڏنيون آهن ته  سنڌ ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي

صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار اسلام آباد پهچي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ضياءَ لنجار صدر کي سنڌ جي امن امان بابت بريفنگ ڏني

 صوبائي گهرو وزير ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن بابت به صدر کي آگاهه ڪيو

آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ  ۾ جٽادار امن جي قيام لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن

آصف علي زرداري گهرو وزير کي هدايتون ڏيندي چيو ته سنڌ جي عوام جي جان ۽ مال جو  تحفظ هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي