بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو: اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو اعتراف

0
17
بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو: اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو اعتراف
بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو: اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو اعتراف

اليڪشن ڪميشن ڪو غير قانوني ڪم ڪيو هوندو ته ان کي اڏائي ڇڏينداسين: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس

سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ 2018 ۽ 2024 ۾ مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ جو فارمولا ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر مهمند پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا

جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته 2019 ۾ بلوچستان عوامي پارٽي کي اليڪشن وڙهڻ ۽ فهرست جمع ڪرائڻ کانسواءِ خيبر پختونخواهه ۾ هڪ مخصوص سيٽ ڪيئن ملي هئي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته 2019 ۾ بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته تحريڪ انصاف کي هڪ سال جو وقت ڏنو ويو پر انٽراپارٽي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪو غير آئيني ڪم ڪيو هوندو ته ان کي اڏائي ڇڏينداسين، جي يو آءِ ۽ نوازليگ جي وڪيلن به سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽس ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي جي غلط تشريح ڪري هڪ سياسي پارٽيءَ کي چونڊ عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏََي ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، هن ڪيس جو بنيادي سوال اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ وڏي پارٽي کي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو، عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي