ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

0
83
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

شهر جي مختلف علائقن ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ڪورنگي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ان کان علاوه آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ صدر واري علائقي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن

زلزلي جي شدت ۽ مرڪز بابت فوري طور تي ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي، پر شهرين موجب زلزلي جي جهٽڪن جو وقت تمام گهٽ هو

شهرين سوشل ميڊيا تي زلزلي جي جهٽڪن بابت آگاهي ڏني آهي

ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هو زلزلي بابت اڃا تائين تصديق نٿا ڪري سگهن، ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي

زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3.2 هئي ۽ ان جي گهرائي 22 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ڪراچي کان 15 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو