عدالت ٽيليڪام ڪمپنيز کي نگراني لاءِ فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
35
عدالت ٽيليڪام ڪمپنيز کي نگراني لاءِ فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
عدالت ٽيليڪام ڪمپنيز کي نگراني لاءِ فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيليڪام ڪمپنيز کي نگراني لاءِ فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس خلاف درخواستن جي گڏيل ٻڌڻي هلائي

عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان سوال ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته شهرين جون فون ڪالز ڪهڙي قانون تحت ريڪارڊ ڪري رهيا آهيو

زباني ڪلامي نه ٻڌايو باضابطه طور ٻڌايو، توهان ٻڌايو توهان ڪنهن کي اجازت ڏني آهي؟ ڪنهن اٿارٽي ڏني آهي ته ماڻهن جون ڪالز ريڪارڊ ڪيون وڃن؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل روسٽرم تي آيو ته عدالت سوال ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت پي ٽي اي وارا سرويلينس ڪري رهيا آهن؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ليگل فريم ورڪ ذريعي ڪري رهيا آهن، جسٽس بابر ستار چيو ته توهان مطابق ڪنهن کي به فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، توهان پنهنجي موقف تان پٺتي هٽندا ته ان جا نتيجا هوندا، قانون چوي ٿو ته وفاقي حڪومت اجازت ڏئي سگهي ٿي پر توهان مطابق ان جي اجازت نه ڏني وئي، جيڪو به آهي توهان ٻڌايو، شهرين جون ڪالز ڪهڙي قانون تحت ريڪارڊ ڪري رهيا آهيو؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته منهنجي استدعا آهي ته مون کي ٿورو وقت ڏيو، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترو وقت گهرجي، درخواستون 2023 ۾ آيون آهن، جسٽس بابر ستار چيو ته غير قانوني نگراني هڪ ڏوهه آهي جنهن جي قانون ۾ سزا موجود آهي، عدالت حڪم جاري ڪندي ٽيليڪام ڪمپنيز کي شهرين جون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو