وڏي وزير مراد علي شاهه 10 خاص معاون ۽ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا

0
153
وڏي وزير مراد علي شاهه 10 خاص معاون ۽ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا
وڏي وزير مراد علي شاهه 10 خاص معاون ۽ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 10 اسپيشل اسسٽنس ۽ 6 ترجمان مقرر ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران وڏي وزير جي منظوري کان پوءِ نوان اسپيشل اسسٽنٽس ۽ ترجمان مقرر ڪرڻ جي منظوري کان پوءِ چيف سيڪريٽري پاران سندن مقررين جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته لال چند اڪراڻي، سرفراز راڄڙ، سيد قاسم نويد قمر، سيد وقار مهدي رجوير سنگھه سوڍا، منصور شاهاڻي، عثمان غني يعقوب هنڱورو، عبدالجبار خان، جنيد بُلند ۽ محمد سليم بلوچ اسپيشل اسسٽنس مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ارسلان اسلام شيخ، سرمد پليجو، عبدالواحد هاليپوٽو، مخدوم فخر الزمان، محمد علي راشد ۽ ساديه جاويد کي ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.